تڙ 2

تَڙَ (Chase ):جهنگ جي جانورن جو تَڙَ سان شڪار ڪرڻ، شڪار ڦاسائڻ لاءِ کليو هنڌ، اهڙا جهنگلي جانور جن جو تڙ ڪري شڪار ڪيو ويندو آهي سي آهن هرڻ، لومڙ، سهو، ڦاڙهو وغيره، هڪ طرف توبچي کڏڻي ۾ يا ڪنهن وڻ جي اوٽ وٺي بيهندو، ٻين پاسن کان ڪي ماڻهو وڏا آواز، هوڪرون ڪري يا ڪنجهيون وڄائي جانورن کي تڙيندا آهن ته جيئن جن هنڌن، يا ٻوٽن يا جهنگ ۾ ٿاڪن تي جانور لڪل هجن ته ڊپ مان نڪرن، پوءِ جانور ڇال ڏئي نڪري پوندا آهن ۽ کڏڻي ۾ ويٺل توبچيءَ جي نشاني تي ايندا آهن. توبچي انهن جو شڪار ڪندو آهي يا شڪار ڄار ۾ لڳندو آهي. بندوق ۽ ڄار جي شڪار ۾ تڙ ٿيندي آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو